ڪيترائي ماڻهو ڪنهن فلم کي هدف بڻائي سٺي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو ڪنهن فلم کي هدف بڻائي سٺي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ذريعن مطابق پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ عامر خان چيو ته سندس فلم پي ڪي هٽ ثابت ٿي آهي ۽ هٽ جو مطلب ڪامياب هجڻ آهي ۽ عوام ان کي پسند ڪيو آهي، عامر خان چيو ته جيڪڏهن عوام ڪنهن فلم کي ڏسڻ پسند ڪري ته ان جي خلاف مهم بي معنيٰ ٿي ويندي آهي، هن چيو ته هاڻي ڳالهيون ڪندڙن لاءِ فلم انڊسٽري ”سافٽ ٽارگيٽ“ بڻجي چڪي آهي، جڏهن به ڪو سٺي شهرت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو ڪنهن سٺي فلم کي هدف بڻائي بيانن جو سلسلو شروع ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *