ڪنگنا ۽ ديپڪا جي وچ ۾ سرد ويڙهه جاري، هڪٻئي تي لفظن  جي تيرن جي ڏي وٺ

ممبئي(شوبز نيوز): ڀارت جون مشهوراداڪارائون ڪنگنا راناوت ۽ ديپيڪا ڪنهن وقت ۾ پنهنجي انٽرويوز ۾ هڪ ٻئي جي ساراهه ڪندي ڪو نه ٿڪبيون هيون پر هاڻي صورتحال اها آهي ته هڪ فلم لاءِ ٻنهي جي وچ ۾ سرد ويڙهه عروج ٿي پهچي چڪي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽس مطابق ڪنگنا ۽ ديپيڪا لاءِ 2014ع گهڻو ڪامياب سال رهيو آهي، هن سال هنن ڪئي اهڙيون فلمون ڏنيو آهن، جن رڳو سٺو ڪاروبار ڪيو پر نقادن به سندن ڪم جي دل کولي واکاڻ ڪئي، جنهن جي ڪري هو ٻئي هڪٻئي کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿيون، ان جي ڪري ٻنهي جي وچ ۾  لفظي ويڙهه ۽ تيراندازي ته هلي رهي آهي پر هاڻي ان ۾ وڌيڪ شدد اچي وئي آهي، ڇو ته ناليواري هدايتڪار ۽ پروڊيوسر انند راءِ جنهن جي 2 ڪامياب فلمن ۾ ڪنگنا ڪم ڪيو هو،اهو هاڻي پنهنجي نئين فلم ۾ ديپيڪا کي شامل ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *