ڪرينا سان گڏ ڪم ڪرڻ مون لاءِ هڪ تمام وڏو اعزاز آهي:عاليه ڀٽ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڀٽ خاندان جي لاڏلي عاليه ڀٽ چيو آهي ته هو ايندڙ فلم ”اڙتا پنجاب“ ۾ ڪرينا سان گڏ ڪم ڪرڻ تي بيحد خوش آهي ۽ پاڻ کي خوشنصيب سمجهي ٿي. عاليه موجب ڪرينا ڪپور خان سندس پسنديده اداڪارا آهي، عاليه چيو ته ڪرينا سان گڏ ڪم هن لاءِ هڪ تمام وڏو اعزاز آهي، 22 سالن جي اداڪارا موجب جڏهن ڪرينا جيڪا عمر جي ته 34 سالن جي آهي، پنهنجا سين شوٽ ڪرائيندي هئي ته مان سندس اداڪاري ڏسي تمام گهڻو سکندي هئس. ياد رهي ته اڙتا پنجاب ۾ شاهد ڪپور سميت ڪرينا ڪپور به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا ۽ فلم ۾ پنجاب ۾ منشيات جي اسمگلنگ کي موضوع بڻايو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *