ڪرشمه ڪپور ڪتاب ”دي وي آهيڊ“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ڪرشمه ڪپور ”دي وي آهيڊ“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ اداڪاره ڪرشمه ڪپور ليکڪ تمناسي ايس جو اهو ڪتاب ممبئي ۾ منعقد تقريب ۾ لائونچ ڪيو. ان موقعي تي ڪرشمه جو چوڻ هو ته هن ڪتاب جون ڪجهه سِٽون پڙهيون آهن اهو ڪتاب اهڙو آهي ته توهان روزاني صبح جو هڪ به ورق پڙهي سگهو ٿا. ڪتاب پڙهي زندگيءَ جي حقيقت بابت اصل ڄاڻ ملي ٿي ۽ اڳيان وڌڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهي سمورا ماڻهو جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ چاهين ٿا اهو ڪتاب پڙهن. ان موقعي تي اداڪار اميت پڻ ڪرشمه سان گڏ موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *