ڀارت ۾ پاڪستاني ڊرامن مقبوليت جي نئين تاريخ جوڙي ورتي

ممبئي(شوبز نيوز): ڀارتي ميڊيا مطابق پاڪستاني ڊرامن زندگي گلزار هي ۽ همسفر پوري ڀارت ۾ مقبوليت ماڻي آهي ۽ هن وقت اهي ٻئي ڊراما سڀ کان ٽاپ تي آهن جڏهن ته بالي ووڊ سپر اسٽار اميتاڀ بچن به هلندڙ سال ئي ننڍي اسڪرين تي قدم رکيو پر ان جو ڊرامو يوڌ به پاڪستاني ڊرامن جو مقابلو نه ڪري سگهيو، ڀارتي ڊرامن کي ريٽنگ ڏيندڙ ڪمپني آءِ اي اين ايس جي فهرست مطابق هلندڙ سال نشر ٿيندڙ سس ننهن جي جهيڙن تي ٺهيل ڪيترائي ڊراما  آف ايئر ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ڊرامن جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته فهرست ۾ پهرئين نمبر سڀني کان مقبول ڊرامو زندگي گلزار هي جنهن پوري ملڪ ۾ شهريت ماڻي جڏهن ته ٻئين نمبر تي به پاڪستاني ڊرامو همسفر آهي جنهن ۾ فواد خان ۽ ماهره خان مرڪزي ڪدار ادا ڪيو ۽ فهرست ۾ ٽئين نمبر تي پسند ڪيو ويندڙ ڊرامو هي هي محبتين آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *