ڀارتي نارين تي پاڪستاني اداڪارن جو جادو، فواد خان جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ نوجوان عورتون بيچين

نئين دهلي (شوبز نيوز) جيتوڻيڪ اسان وٽ بالي ووڊ اداڪارن کي ضرورت کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڀارتي ڇوڪرين کي اڄ ڪلهه جن هيرن ديوانو بڻائي رکيو آهي انهن جو تعلق پاڪستان سان آهي، زي نيوز ويب سائيٽ موجب پاڪستاني هيرو فواد خان ڀارتي ڇوڪرين ۽ نوجوان عورتن تي جادو ڦوڪي ڇڏيو آهي ۽ سندس جھلڪ ڏسڻ لاءِ بيقرار ٿي وينديون آهن. ڀارت ۾ فواد خان جي مشهوري حيران ڪندڙ ۽ بي پناهه ۽ خاص طور نوجوان ڇوڪريون ته سندس مرداڻي وجاهت تي مرنديون آهن. زي نيوز جي ليکڪا چوي ٿي ته فواد خان ڊرامي ”زندگي گلزار هي“ کان پوءِ پاڪستان سميت انڊيا ۾ به مشهوري ماڻي، اهو ڊرامو ڀارتي زي ٽي ويءَ تي به ڏيکاريو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *