ڀارتي فلم انڊسٽريءَ سان لاڳاپيل شخصيتن پاڪستاني فلمن کي ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ رليز ڪرڻ جون تياريون شروع

لاهور(شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽريءَ سان لاڳاپيلشخصيتن پاڪستان ۾ ٺهيل فلمن کي ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ رليز ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ڀارت جي مشهور فلمساز ۽ نعيم ڪار شيام شيروف ماضي ۾ ڀارت جي فلم ڏسندڙن لاءِ ”خدا ڪي ليي“، ”بول“ ۽ ”سلاخون“ رليز ڪري چڪو آهي. ان فلمن ڀارت ۾ ڪامياب بزنس ڪيو هو. هاڻي شيام شيروف سان گڏ ڪيترائي تقسيم ڪار پڻ نئين جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فلمن جي ڀارت ۾ نمائش ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. شيروف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي دبئي طرز جي فلمن لاءِ انٽرنيشنل پاليسي ٺاهڻي پوندي. ان کان علاوه نئين مني سئنيماز کي پڻ هٿي ڏيڻي پوندي. اهڙيءَ طرح پاڪستان سڄي دنيا ۾ جديد فلمسازي ۽ سئنيمائن سان گنڍجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *