ڀارتي سپر اسٽارز پاران پنهنجن ٻارن سان گڏ ريمپ تي واڪ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ٿيو انوکو ۽ دلچسپ فيشن ويڪ جتي فلمي ستارن پنهنجن اسٽار ٻارن سان گڏجي ريمپ تي واڪ ڪيو وومين امپاورمينٽ جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ فلاحي تنظيم طرفان منعقد ميجوان فيشن ويڪ ۾ منيش ملهوترا جا ڪپڙا پائي بالي ووڊ جي قدرآور شخصيتن ريمپ تي جوهر ڏيکاريا ۽ شو کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ميجوان فيشن ويڪ بالي ووڊ اداڪاره شبانه عظمي منعقد ڪيو، شو ۾ امتاڀ بچن پنهنجي ڌيءَ شويتا ڪپور سان گڏ ريمپ تي واڪ ڪيو ته جيا بچن پنهنجي پٽ اڀيشيڪ سان گڏ واڪ ڪري اسٽيج جي رونق وڌائي اتي ئي ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر فرحان اختر پنهنجي والد مشهور شاعر جاويد اختر سان گڏ ريمپ تي آيو شو جي رونق ان وقت عروج تي نظر آئي جڏهن سونم ڪپور پنهنجي اسٽار پيءُ انيل ڪپور سان گڏ اسٽيج تي آئي اتي ئي سوناڪشي سنها جي پنهنجي والد شتروگهن سنها سان گڏ اسٽيج تي آمد ڪيترن ئي جي دلين جون ڌڙڪنون تيز ڪري ڇڏيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *