ڀارتي اداڪار اديتيا پنچولي نائيٽ ڪلب ۾ مار ڪٽ ڪرڻ تي گرفتار

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق اديتيا پنچولي ممبئي جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ نشي جي حالت ۾ هڪ هندي گاني جي فرمائش ڪئي، پنهنجي خواهش پوري نه ٿيڻ تي بالي ووڊ اداڪار ڊي جي کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون،اهڙي صورتحال تي قابو آڻڻلاءِ موجود هڪ سيڪيورٽي گارڊ آيو ته هن ان کي به نه بخشيو ۽ ان تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ گارڊ زخمي ٿي پيو ۽ صورتحال ايتري ته بگڙجي وئي جو انتظاميا کي مجبورن پوليس گهرائڻي پئي،پوليس جو چوڻ هو ته اديتيا پنچولي جي خلاف نشي جي حالت ۾ جهيڙو ۽ ڌمڪين سميت مختلف ڏوهن جي هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ان کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *