پهرين فلم ئي ڪيريئر جو بنياد بڻجي ٿي: رونل ٺاڪر

 

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا رونل ٺاڪر چيو آهي ته اداڪارن لاءِ هي وقت بهترين آهي ڇو ته عوام هن وقت صرف ڪارڪردگي کي ڏسي ٿو ۽ هاڻي ڪنهن به ڪردار ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي. رونل ٺاڪر وڏي اسڪرين تي فلم “لو سونيا” ۾ گذريل سال نظر آئي هئي. هن چيو ته ماڻهن کيس صلاح ڏني هئي ته پهرين فلم طور “لو سونيا” جي چونڊ نه ڪريان ڇو ته “لو سونيا” هڪ ڊراما فلم آهي. هن چيو ته مونکي رڳو ڪارڪردگي ڏيکارڻي هئي ۽ ماڻهو اهو چوندا رهيا ته چري ٿي آهين. هن چيو ته اسان کي عوام تائين بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻي هوندي آهي جنهن لاءِ اسان عوام جي نظر کان بچي نٿا سگهون. اداڪاره وڌيڪ چيو ته فلم “لو سونيا” کيس گهڻو ڪجهه ڏنو آهي جنهن جي نتيجو سندس فلم “سپر 30” ۾ ڪاسٽ ٿيڻ پڻ آهي. جيڪڏهن مون وٽ اڄ بالٽا هائوس يا سپر 30 جهڙيون فلمون آهن ته اهي لو سونيا ۾ ڪردار نڀائڻ جي ڪري ئي آهن. اوهان جي پهرين فلم ئي اوهان جو مستقبل ٺاهيندي آهي ۽ ان سان ئي اوهان جو سفر آسان بڻجي ويندو آهي. واضح رهي ته فلم سپر 30 12 جولاءِ تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *