پشتو ڳائڻي ڪرشما شهزادي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت

چارسده(شوبز نيوز): پشتو جي مشهور ڳائڻي ڪرشما شهزادي چارسده جي نجي ڪلينڪ ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي پشتو جي مشهور ڳائڻي ڪرشما شهزادي جيڪا بنياديطور تي پشاور سان تعلق رکي ٿي ذاتي ڪم جي سلسلي ۾ چارسده آيل هئي واپسي تي سدرياب ويجهو ان کي پيٽ ۾ سور ٿيو ان کي ويجهي نجي ڪلينڪ آندو ويو جتي ڪرشما شهزادي کي غلط انجيڪشن لڳايو ويو جڏهن ته ان دوران سور وڌي ويو ۽ ان ئي دوران هوءَ فوت ٿي وئي ٻئي طرف پوليس ۽ صحت کاتي جي اختيارين واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *