پريانڪا چوپڙا ۽ ديپڪا پڊڪون گڏجي نچنديون

نئين دهلي (شوبز نيوز) پريانڪا ۽ دپيڪا جيڪي ڪافي وقت کان سنگتياڻيون آهن، هاڻي کين اهو ثابت به ڪرڻو پوندو ته ٻه اداڪارائون  سنگتياڻيون به آهن، سندن لاءِ سنجي ليلا ڀنساليءَ جي نئين ايندڙ فلم ۾ هڪ آئٽم سانگ رکيو ويو آهي، ان بابت ڀرپور نموني سان ڳالهه ٻولهه به هلي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته اسان کين ٻڌايو آهي ته گيت پنجن ڏينهن ۾ شوٽ ٿيندو، پر اداڪارائن وٽ فلمن لاءِ صرف ٻه ڏينهن آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو وڏو چئلينج آهي، ان ڪري پريانڪا ۽ دپيڪا سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيون ۽ کانئن پڇي رهيا آهيون ان سلسلي ۾ هو ڪيئن ٿيون لائحه عمل جوڙين. هو ٻئي پيشور اداڪارائون آهن، سو ڀنساليءَ سميت ڪنهن کي به شڪ ناهي ته هو ٻئي ان لاءِ ڪامياب وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *