پريانڪا چوپڙا چئن منٽن جي پرفارمنس تي هڪ ڪروڙ 25 لک ڪمايا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ادڪار پريانڪا چوپڙا ايوارڊ شو ۾ چار منٽ جي پرفارمنس ڪري هڪ ڪروڙ 25 لک روپيا ڪمائي ورتا، ممبئي جي فلم سٽي اسٽوڊيو ۾ اسٽار گلڊ ايوارڊ جو ميلو سجيو جنهن ۾ سڀ کان مهانگي پرفارمنس بالي ووڊ جي اداڪار پريانڪا ڪئي، پريانيڪا چوپڙا کي چار منٽ جي پرفارمنس جو معاوضو هڪ ڪروڙ 25 لک روپيا ادا ڪيو ويو، هن  پنهنجي فلم غنڊي جي گاني تي پرفارم ڪيو، بالي ووڊ ذريعن موجب ان شو کان پوءِ اداڪاره ايوارڊ شو جي سڀ کان مهانگي ترين اداڪاره بڻجي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *