پريانڪا چوپڙا جو ”اي بي سي“ سان 25 ڪروڙ رپين جو معاهدو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪاره پريانڪا چوپڙا آمريڪي چينل اي بي سي سان هڪ پروگرام لاءِ 25 ڪروڙ رپين جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب پريانڪا چوپڙا آمريڪي چينل اي بي سي اسٽوڊيو جو هڪ شو ڪرڻ لاءِ 3 مهينن تائين لاس اينجلس ۾رهندي ۽ کيس ان شو لاءِ 25 ڪروڙ رپين جي رقم ملندي. ان بابت پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته اي بي سي جهڙي اهم ۽ وڏي اسٽوڊيو سان ڪم ڪرڻ عزت جي ڳالهه آهي. هن اهو پڻ چيو ته مون کي خوشي آهي ته مان پنهنجي ٽيلنٽ جو استعمال اي بي سي جهڙي عالمي پليٽ فارم تي ڪنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *