لاهور (شوبز نيوز) مشهور گلوڪار رجب علي اڄ ڪلهه لنڊن کان لاهور آيل آهي. هو هتي پي ٽي وي، ريڊيو ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجا گانا رڪارڊ ڪرائڻ ۽ شوبز دوستن سان ملڻ ۾ مصروف آهي. رجب علي هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ميوزڪ ۽ فلم جو بحران ڏسي ڏک ٿيو آهي. مون کي اميد آهي ته حالتون جلد بهتر ٿي وينديون.