پاڪستان فلم ڪپتان جلد سئنيمائن جي رونق بڻجندي، فلم ۾ عبدالمنان عمران خان، سعيده امتياز جمائمه خان، سونيا خان عمران خان جي ڀيڻ ۽ مهوش ناصر بينظير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪيو آهي

اسلام آباد (شوبز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاڪستان کي سياسي اسٽيج تي ڇانيل رهي ٿو پر پاڪستان ڪرڪيٽٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جي زندگي تي ٺهندڙ پاڪستاني فلم ڪپتان به جلد سئنيمائن ۾ لڳڻ واري آهي. اطلاعن مطابق فلم مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ جلد رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي. فلم ۾ عمران خان جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار عبدالمنان اين اين آءِ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ فلم مڪمل ٿيڻ واري آهي ڇو ته عمران خان ٻيهر شادي ڪئي آهي تنهن ڪري هاڻي فلم ۾ هاڻي اهو پهلو به شامل ڪيو ويندو. عبدالمنان جو چوڻ هو ته هن ڪپتان بنجڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي اها فلم عمران خان جي زندگي تي ٻڌل آهي ته ڪهڙي طرح هن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو ڪينسر اسپتال لاءِ سندس ڪوششون ۽ هاڻي ٻي شادي به ڪري ورتي. فلم ڪپتان ۾ عبدالمنان، عمران خان، سعيده امتياز جمائمه خان، سونيا خان عمران خان جي ڀيڻ ۽ مهوش ناصر بينظِير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪيو آهي. جيتوڻيڪ فلم جو ٽريلر 2 سال اڳ رليز ڪيو ويو هو جڏهن ته فلم هاڻي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان ۾ عمران خان جي زندگي ۾ ٿيندڙ وڏي تبديلي اڃا شامل ٿيڻي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *