پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار آغا طالق جي 17هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار آغا طالق جي 17هين ورسي اڄ (خميس) تي ملهائي ويندي. آغا طالش جو اصل نالو آغا علي عباس قزلباش ۽ هن جو آبائي وطن اوڀر پنجاب ڀارت جو شهر لڌيانه هو. ورهاڱي کان اڳ ئي کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جوشوق ممبئي وٺي ويو. مرحوم کي شعر ۽ ادب سان پڻ شوق هو. آغا طالش ورهاڱي کانپوءِ پهرين پشاور ۽ پوءِ لاهور ۾ رهائش اختيار ڪئي. هو پشاور ريڊيو سان پڻ لاڳاپيل رهيو. لاهور ۾ سندس پهرين فلم ”نٿ“ هئي. ان فلم ۾ ان سان گڏ اداڪار حفيظ جهان، صادق علي پرنس ۽ اداڪار ظريف پڻ ڪم ڪيو. اها فلم 1952ع ۾ رليز ٿي، ان کانپوءِ هو 1995ع ۾ ”جهيل ڪناري“ ۽ پوءِ 1956ع ۾ ”ديار حبيب“ ۾ اداڪاره ياسمين شوڪت سان گڏ هيرو آيو. مرحوم 40 سالن کان فلم نگريءَ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. آغا طالش ساهه جي بيماري، جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب 19 فيبروري 1998ع تي لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آغا طالش جي ورسيءَ جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڻ خاص مضمون شايع ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *