پاڪستاني ڊراما ڪهاڻي ۽ اسڪرپٽ سبب تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا: ڪاجول

ڪراچي: پاڪستاني ڊراما جتي پوري دنيا ۾ پنهنجو مقام بڻائي رهيا آهن ۽ ماڻهن ۾ مقبوليت جون حدون پار ڪري رهيا آهن اتي ئي ڀارتي اداڪار به پاڪستاني ڊرامن جي سحر ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڀارت جي ناليواري اداڪاره ڪاجول چيو ته پاڪستاني ڊرامه پنهنجي ڪهاڻي ۽ اسپرڪٽ سبب ان کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته ڀارتي ٽي وي پروڊيوسرز کي انهن کان سکڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته ان جي سس به پاڪستاني ڊرامن جي تمام وڏي مداح آهي جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي ڊرامن جو مقابلو ڪيو وڃي ته پاڪستان کي برتري حاصل ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *