پاڪستاني اداڪار فيضان خواجه به هاڻ بالي ووڊ فلم ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو

لاهور(شوبز نيوز): فواد خان ۽ علي ظفرجي انڊين فلمي صنعت ۾ ڪاميابين ۽ ماهره خان جو شاهه رخ خان سان ڪاسٽ ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو ٽي وي اسٽار فيضان خواجه به پاڙيسري ملڪ ۾ فلمي اداڪار بڻجڻ وڃي رهيو آحي ماضي جي اداڪارهزينت امان جي پٽ اذان خان جي ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ فلم نڪسٽر ۾ پاڪستاني نوجوان اداڪار فيضان خواجه پنهنجي ادڪاري جا جوهر ڏيکارڻ جلد اچي رهيوآهي فيضان خواجه پاڪستاني پرستارن لاءِ اپرو ناهي جنهن گذريل ٽن سالن ۾ ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي فيضان پنهنجي پهرئين بالي وُڊ پراجيڪٽ مان ڪافي پراميد آهي ۽ ان حوالي سان هن جو چوڻ آهي ته اذان خان ڊرامن ۾ منهنجي پرفارمنس کي ڏسي فلم جي آفر ڪئي ان ۾ پنهنجو رول ٻڌم ته ڏاڍو پسند آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *