پاڪستاني اداڪار فواد خان ڀارتي ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فواد خان ڀارتي ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جو ڪردار ادا ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ذريعن موجب مهيش ڀٽ جي ڌي اداڪاره ۽ هدايتڪاره عاليا ڀٽمهندرا سنگهه ڌوني جي زندگي تي فلم ٺاهي رهي آهي. فلم جو اسڪرپٽ لکيو پيو وڃي ۽ ڌوني جي ڪردار لاءِ فواد خان سان رابطو ڪيو ويو ۽ ذريعن موجب هن راضپو ڏيکاريو آهي. بالي ووڊ اداڪار جان ابراهم جيڪو هاڻي فلم پروڊڪشن شروع ڪري چڪو آهي پڻ پنهنجي نئين فلم ۾ فواد خان کي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ هن سان رابطو ڪيو آهي. ٻئي پاسي فواد خان جي سڄي ڀارت ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب فلم ايوارڊ ڏيندڙ ڪمپنين فواد خان کي بڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. خبر آهي ته هو ڪيترن ئي اعليٰ ڀارتي فلم ايوارڊن جي تقريبن ۾ نظر ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *