پاڪستاني اداڪار فواد خان فلم فيئر ايوارد 2015ع پنهنجي نالي ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ فلم ”خوبصورت“ کان مشهوري ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪار فواد خان فلم فيئر ايوارد 2015ع پنهنجي نالي ڪري ورتو، ڀارتي فلم نگريءَ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ ”فلم فيئر ايوارڊ“جي 60 هين تقريب جو انعقاد ممبئي ۾ يشراج اسٽوڊيو ۾ ٿيو، جتي فلم ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي ايوارڊن سان نوازيو ويو، تقريب جي ميزبانيءَ جا فرض مشهورِ زمانه مسخرو ۽ ڪاميڊين ڪپل شرما ۽ ٻين ادا ڪيا، ان موقعي تي دپيڪا پڊوڪون، شاهد ڪپور، سونم ڪپور، سني ليون، ڪاجول، رنبير ڪپور، فواد خان، انوراگ ڪشپ، ايولين شرما ۽ ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي ڊاڪٽر گھرواري سان شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳايا، جڏهن ته فلم فيئر ايوارڊ تقريب ۾ مختلف اداڪارن ۽ اداڪارائن ڀارتي فلمي گيتن تي پرفارم پڻ ڪيو، جڏهن ته پنڊال ۾ فلمي دنيا سان لاڳاپايل اداڪارن ۽ سينيئر اداڪارائن سميت زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو موجود هئا. ايوارڊن ڏيڻ جي موقعي تي تقريب جي خاص ڳالهه اها هئي ته ”بيسٽ ميل ڊيبيو“ ايوارڊ جي لاءِ ٽائيگر شيروف، طاهر راج ڀشن، فريدي دارو والا، شباب هاشمي ۽ پاڪستاني اداڪار فواد خان چونڊيا ويا هئا، پر ايوارڊ فواد خان فلم فيئر ايوارڊ پنهنجي نالي ڪندڙ پهريون پاڪساني اداڪار بڻجي ويو، فواد خان فلم فيئر ايوارڊ پنهنجي گھرواري صدف فواد سان گڏ حاصل ڪيو، جڏهن ته ڪنگنا رناوت جي فلم ”ڪوئين“ بهترين فلم سان گڏ 6 مختلف ڪيٽيگرين جا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا، وشال ڀردواج جي فلم ”حيدر“ پنج ڪيٽيگرين ۾ڪاميابي ماڻي، شاهد ڪپور کي ”حيدر“ ۾ شاندار اداڪاريءَ تي بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو، بهترين اداڪارا جي لاءِ ڪنگنا رناوت سڀني اداڪارائن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *