ممبئي(شُوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور پاڪستاني ادڪاره ماورا هوڪين کي محبتن ڀريو پيغام موڪلي ڇڏيو آهي پرڏيهي ميڊيا مطابق پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪاره ماورا ڀارتي اداڪار رنبير ڪپور جي فين آهي ۽ خوبصورت اداڪاره رنبير ڪپور جو هڪ وڊيو پيغام رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ امتياز علي جون خدمتون حاصل ڪوين جڏهن ته رنبير به اداڪاره جي خواهش جو احترام ڪيو ۽ وڊيو پيغام ڏنو جنهن ۾ هو چئي رهوي آهي ته ”هاءِ ماورا! مان رنبير آهيان، اوهان تمام گهڻا خوبصورت آهياو، نهايت ذهين آهي اميد هي ته ڪڏهن اوهان سان ملاقات ٿيندي “ اداڪاره رنبير جي وڊيو پيغام تي جواب ڏنو ته ”هينئر هوءَ شملا ۾ آهي جلد ملاقات جو امڪان آهي،.