ٽي وي ۽ اسٽيج اداڪاره مهوش دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور(شوبز نيوز): اسٽيج ۽ ٽي وي جي بهترين اداڪاره مهوش 54  ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي. مرحومه کي اڄ جمعي ڏينهن اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اداڪاره مهوش ڪيترن ئي ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. اداڪاره پنهنجي فن زندگي دوران اداڪار قوي، عرفان کوسٽ، امان الله، جواد وسيم، مستانه، ببو برال، عابد خان ۽ ٻين  معروف اداڪارن سان گڏ يادگار ڪردار ڪيا ۽ خوب داد وصول ڪئي. اداڪاره پنهنجا آخري زندگي جا ڏينهن تمام ڏکيا گذريا. ٻارن جي نوڪرين سميت ٻيا مسئلا  سندس بيماري جو سبب بڻيا. ۽ آخر  هو زندگي جي جنگ هارجي وئي ۽ وڃي مالڪ حقيقي سان ملي. سندس وفات تي  پاڪستاني شوبز جي دنيا اچي گڏ ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *