ٽنهي خانز بالي ووڊ ۾ طوفان مچائي ڇڏيو آهي: اميتاب بچن

ممبئي(شُوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق اميتاب بچن ڀارتي فلم نگري تي راڄ ڪرڻ واري شاهه رخ خان، سلمان خان، ۽ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي تعريف ڪندي چيو ته شاهه رخ خان  جو عزم قابل تعريف آهي، جڏهن ته عامر خان بهترين صلاحيتن سان مداحن کي خوب لطف اندوز ڪري ٿو، جڏهن ته دبنگ خان جي باري ۾ چيو ته فلمن ۾ ان جو شاندار ڪيريئر ان جي صلاحيتن جو سبب آهي، اميتاب بچن جي مطابق ٽنهي اداڪارن بالي ووڊ انڊسٽري ۾ ان وقت پير پاتو جڏهن عوام سينيما مان بيزار هئي ۽ انهن خانز پنهنجي اداڪاري جي ذريعي نه صرف سينيما گهرن تي رونقون بحال ڪيو، پر بهترين اداڪاري جي سبب پنهنجن مداحن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *