”ويلڪم ٽو لنڊن“ پاڪستان ۾ هلندڙ مهيني رليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) نئين فلم ”ويلڪم ٽو لنڊن“ هلندڙ مهيني پاڪستان ۾ رليز ڪيئ ويندي. ذريعن مطابق اها فلم لنڊن برطانيه ۾ رليز ۽ ڪاميابيءَ کانپوءِ پاڪستان فلم ڊسٽري بيوشن ڪمپني هلندڙ مهيني ان کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي پر ان لاءِ قطعي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو. فلم جي ڪهاڻي هڪ نوجوان جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪو خاندان جا قرض لاهڻ لاءِ لنڊن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ايندو آهي، جيڪو بعد ۾ هڪ مشڪل صورتحال ڦاسي پوندو آهي. جڏهن ته پنجابي نوجوان وجي جو ڪردار برطانوي اداڪار اسد شان ڪيو آهي، پاڪستان سُپر ماڊل بيڪا امام فلم جي هيروئن آهي. فلم جو سائونڊ ٽريڪ پاڪستاني پاپ اسٽار فلڪ شير ڏنو آهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *