ويرات ڪوهلي پسنديده ڪرڪيٽر نه آهي، انوشڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره انوشڪا شرما ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي دوستي جون خبرون ميڊيا تي ڇانيل هونديون آهن، پر ان جوڙي هميشه انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڀارتي مئگزين کي انٽرويو ڏيندي، بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره انوشڪا شرما جو چوڻ هو ته دوستي پنهنجي جاءِ تي آهي، پر ويرات ڪوهلي ان جو پسنديده ڪرڪيٽر نه آهي، تمام سوالن کان تنگ اچي انوشڪا شرما اهو به چيو ته ڪرڪيٽ ان جي پسنديده نه آهي، بلڪي ٽينس آهي ۽ جڏهن ويرات ڪوهلي جو ذڪر نڪتو ته انوشڪا شرما اهو چئي ڳالهه ختم ڪئي ته هو اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ ضروري نٿي سمجهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *