ورلڊ ڪپ ۾ ناڪاميءَ جو سبب ڄاڻايل انوشڪا شرما ۽ ورات ڪوهلي دنيا کي منهن ڏئي هڪ ٻئي سان گڏجي پيا

ممبئي (شوبز نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ ناڪاميءَ جو سبب ڄاڻايل انوشڪا شرما ۽ ورات ڪوهلي دنيا کي منهن ڏئي هڪ ٻئي سان گڏيا پيا وتن. ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما پنهجا لاڳاپا لڪايا به هئا. خابرو اداري پاران جاري ڪيل تصوير۾ انوشڪا ۽ ورات ڪوهليءَ کي رايل چيلينجزر بينگلور جي ٽيم واري بس ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، تصوير ۾ انوشڪا ۽ ورات سان گڏ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، تصوير ۾ انوشڪا شرما تمام ڪاوڙ ۾ نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب هو پنهنجا تاثر لڪائڻ لاءِ موبائيل فون جي اسڪرين کي ڏسي رهي آهي. تازو ئي ورات ڪوهليءَ جي ڪپتانيءَ ۾ رايل چيلينجرز بينگلور ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز کان ميچ کٽي هئي، جنهن تي انوشڪا پنهنجي دوست ۽ ٽيم لاءِ تمام خوش هئي. هي جوڙو ورلڊڪپ مامري کان پوءِ اڳ جي ڀيٽ هاڻي هڪ ٻئي جي تمام ويجھو اچي چڪو آهي، هو تازو ئي ڪرڪيٽر سُريش رائينا جي شادي اٽينڊ ڪرڻ دهليءَ ويا هئا، پر ڪوهليءَ جي پريڪسٽس جي ڪري ان ۾ شريڪ ٿي نه سگھيا، پر هنن سندن مڱڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ انوشڪا شرما ورات جي گھر وڃي پهتي هئي، جتي هن ورات جي خاندان سان ملاقات ڪئي، ورات ڪوهليءَ آءِ پي ايل سيزن 8 جي اوپننگ تقريب ۾ پڻ انوشڪا شرما جي ڊانس کي انجواءِ ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *