وديا بالن ۽ عمران هاشمي ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ لاءِ ڪيپ ٽائون ويندا

ممبئي (شوبز نيوزEmraan-Hashmi-and-Vidya-Balan) اداڪارا وديا بالن ۽ اداڪار عمران هاشمي پنهنجي نئين فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ لاءِ ڪيپ ٽائون ويندا، ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ جون ۾ شروع ٿيڻي هئي پر ڪنهن سبب جي ڪري  آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي هئي، ان فلم جي شوٽنگ جو پهريون شيڊول ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ ڀرايو ويندو ۽ ان کان پوءِ فلمي سيٽ دبئي منتقل ٿيندو، فلم جي ڪهاڻي فلمساز مهيش بٽ جي حياتي تي لکيل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *