هڪ وقت اهڙو به هو جو مون کي فيشن ڪرڻ تي بيوقوف سَڏيو ويندو هو :پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا پريانڪا چوپڙا فلم انڊسٽريءَ ۾ عورتن جي طاقت کي ساراهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پريانڪا چوپڙا چيو ته هڪ وقت اهڙو به هو جو مون کي فيشن ڪرڻ تي بيوقوف سَڏيو ويندو هو، پر هاڻي ڪافي شيون بدلجي ويون آهن، ادڪارا چيو ته فلم ”اين ايڇ ٽين“ ۾ عورتن کي طاقتور ڏسي مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي، هن چيو ته هي فلم ڏسي ايئن لڳو ڄڻ ماڻهو اسان کي ان انداز سان نه وٺندا هئا، جھڙيءَ طرح هاڻي ڏسي سمجھي ۽ محسوس ڪري رهيا آهن. پريانڪا وڌيڪ چيو ته فلم ”پيڪو ۽ تَنو ويڊز مَنو“ ڏسڻ جي لاءِ تمام گھڻي بيقرار آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *