هندو ها ۽ ڳئون جو گوشت به کائيندو آهيان: رشي ڪپور

نئي دهلي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار رشي ڪپور رياست مهاراشٽر ۾ ڳئون کي ذبح ڪرڻ ۽ ان جي گوشت جي استعمال ۽ پابندي تي تنقيد ٿي رهي آهي، ڳئون کي ذبح ۽ ان جو گوشت کائڻ تي لڳايل پابندي جي خلافاحتجاج ظاهر ڪندي، رشي ڪپور پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي لکيو هو، ته مان ڪاوڙ ۾ آهيان، ته ڪير کائي ڇا ٿو، ان سان هن  جي مذهب کي ڇو ڳنڊيو ويو آهي، مان هندو آهيان ۽ ڳئون جو گوشت کانوان ٿو، ته ڇا ان ڪرڻ سان ٻين جي مقابلي ۾ گهٽ مذهبي ٿي ويندس؟  ان لکيو ته، جيڪڏهن ڪنهن کي ڳئون جو گوشت يا سوئر کائڻو ناهي، ته هو نه کائي پر ان جي لاءِ ٻين تي پنهنجو حڪم نه هلائي، رشي ڪپور جي مطابق ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ تي ڪنهن تي به ڪنهن طرح جي پابندي نه هئڻ گهرجي، رشي ڪپور هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ لکيو هو ته ان کي سوئر جو گوشت به پسندآهي، رشي ڪپور جي ان ٽوئٽر کان پوءِ سماجي رابطن جي ويب سائٽز تي ڪجهه ماڻهن ان جي خلاف پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪئي، ته ڪجهه ماڻهن ته ان تي غارين جا انبار لڳائي ڇڏيا، ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ڳئون کي ذبح ڪرڻ تي پابندي لڳائي آهي، پر ڪجهه ۾ ان جي اجازت به آهي، جنهن ۾ رياست مهاراشٽر به شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *