هدايتڪاره سنگيتا جي فلم ”عشق پازيٽو“ التوا جو شڪار

لاهور (شوبز نيوز) هدايتڪاره سنگيتا جي فلم ”عشق پازيٽو“ ڪيترن ماڻهن جي مداخلت سبب رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته فلم جي هيروئن اداڪاره نور فلمساز ولي حامد خان ۽ ڪيمره مين ثاقت سميت سڀني کي ڊائريڪشن ڏيڻ جو شوق پيدا ٿي ويو هو ۽ سنگيتا جي ڪم ۾ مداخلت ڪري رهيا هئا، جنهن سبب سنگيتا تنگ  اچي ڊائريڪشن ڇڏي ڏني، ان کان اڳ رائٽر محمد پرويز ڪليم جي پٽ عديل پي ڪي پڻ فلم پنهنجي مسئلن سبب ڇڏي ڏني، ”عشق پازيٽو“ هاڻي التوا جو شڪار آهي ۽ فلمي حلقن جو چوڻ آهي ته اها فلم شايد هاڻي مڪمل نه ٿي سگهندي ۽ جيڪڏهن مڪمل ٿي ته اهو عبرتناڪ تجربو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *