هاڻي پاڪستان ۾ ٻارن جي موضوع تي فلمون ٺاهڻ جو وقت اچي ويو آهي آسڪر ايوارڊ يافتا شرمين اوبيد چنائي

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان جي پهرين آسڪر ايوارڊ يافتا اداڪارا ۽ فلم ڊائريڪٽر شرمين اوبيد جو چوڻ آهي ته هاڻي پاڪستان ۾ ٻارن جي موضوع تي فلمون ٺاهڻ جو وقت اچي ويو آهي. شرمين اوبيد چنائي جو چوڻ آهي ته اڄ جا  ٻار تمام گهنا بهادر آهن  ڇو ته هو دهشتگردي جي هن ماحول ۾ پنهنجي تعليم جاري رکيو پيا اچن ۽ اسان کي نئين نسل ۾ اهڙو شعور پيدا ڪرن جي ضرورت آهي جنهن سان همت ۽ بهادري جو جزبو پيدا ٿئي.شرمين اوبيد جو چوڻ هو ته اسان کي نئين نسل جو حوصلو وڌائن گهرجي ته جيئن هو پنهنجي زندگي بهادري سان گزاري سگهن.سندس اهو به چوڻ هو ته پشاور سانهي کان پوءِ هو سوچڻ تي مجبور ٿي وئي آهي ته ڪهڙي طرح اسان کي پنهنجي نئين نسل کي بچائڻو آهي..شرمين جو اهو به چوڻ هو ته هو  هاڻي ٻارن جي موضوع تي فلم ٺاهيڻ جي تياري ڪري رهي آهي جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *