هالي ووڊ فلم ”ڪنگز مين دي سيڪريٽ سروس“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو

نيويارڪ(شوبز نيوز): جيمز بانڊ جي جاسوسي ڪردار جا مداح تيار ٿي وڃن ڇو ته جاسوسي ڪردار تي ٺهيل هالي ووڊ جي نئين فلم ڪنگز مين دي سيڪريٽ سروس جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي ميٿيو واهن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي لاوارث نوجوان جي چوڌاري گهمندي آهي جنهن کي جاسوسي ڪندڙ هڪ ايجنسي ماهر جاسوس بڻائڻ لاءِ ٽريننگ ڏيندي آهي، فلم ۾ نوجوان جاسوس جو ڪردار ٽيرن ايگرٽن ادا ڪري ڪندو جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ ڪولن فرٿ، مائيڪل ڪين ۽ سيميول شامل آهن جاسوسي جي دنيا ۾ ڌماڪو ڪرڻ لاءِ ايڪشن سان ڀرپور فلم 13 فيبروري تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *