هالي ووڊ فلم سينڊريلا باڪس آفيس تي ڇانيل

لاس اينجلس(شوبز نيوز)ٻارن جو مشهور ڪردار سنڊريلا هالي ووڊ باڪس آفيس تي ڌوم مچائي ڇڏي آهي، 13 مارچ تي آمريڪي سينيما گهرن جي زينت بڻجڻ واري فلم هينئر تائين  9 .67  ملين ڊالرز ڪمائي چڪي آهي، خوبصورت ڪهاڻي ۽ منظرن سان ڀريل فلم اڄ به ٻارن ۽ وڏن جي دل وندرائڻ رهي آهي، باڪس آفيس تي  ٻيون نمبر  هالي ووڊ ايڪشن فلم رن آل نائٽ جو آهي، هالي ووڊ هيرو ليام نيسن جي دوهان دار ۽ ايڪشن   سان ڀريل فلم اڄ تائين 15 ملين ڊالرز ڪمائي چڪي آهي، شوقينن مخصوص ايڪشن ۽ مار ڌاڙ کي بي حد پسند ڪيو آهي، ٽئين  نمبر تي ايڊونچر ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم ڪنگز مين: ڊي سيڪريٽ سروس آهي، فلم جي مزاحيا رنگن مان شوقين بي حد لطف اندوز ٿي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *