هالي ووڊ فلم ”اوڪولس“ جي هندي ورزن جي شوٽنگ جي شروعات مارچ کان ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم ”اوڪولس“ جي هندي ورزن جي شوٽنگ جي شروعات مارچ کان ٿيندي. بالي ووڊ هدايتڪار پراول رمن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٻُڌايو ته هو هالي ووڊ فلم”اوڪولس“ جو هندي ورزن ٺاهي رهيو آهي. جنهن جي شوٽنگ هو مارچ ۾ شروع ڪندو. ان فلم جو هيرو ثاقب سليم جڏهن ته هيروئن هما قريشي هوندي. هن ٻُڌايو ته هو فلم جي وڌيڪ شوٽنگ گوا ۽ ممبئي ۾ ڪندو، اها هارر فلم هوندي پر اها ڪمرشل طرز جي هارر فلم نه هوندي. ان لاءِ اها مداحن لاءِ منفرد طرز جي هارر فلم هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *