هالي ووڊ جي ڪاميڊي فلم هاٽ پرسوٽ جو پهريون ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ پروڊيوسر ريس ويدر اسپون ۽ صوفيه ورگرا  جي ڪاميڊي سان ڀرپور ايڊونچر ايڪشن فلم هاٽ پرسوٽ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي هدايتڪاره عيني فليچر جي ان فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي پوليس آفيسر جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا منشيات جي اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڊيل کي روڪڻ لاءِ ڊرگه ڊيلر جي زال جي مدد حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي ڊينا فاڪس، برونا پاپنڊريا ۽ ريس ويدر اسپون جي گڏيل پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ ان فلم جي ڪاسٽ ۾ صوفيه ورگرا ۽ ريس ويدر اسپون کان علاوه مائيڪل موسلي، جوڊي ليئن، رچرڊ ٽي جونز ۽ ميٿيو ڊيل شامل آهن. ايڪشن سان ڀرپور فلم 8 مئي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *