هالي ووڊ اداڪار پاميلا اينڊريسن عدالت وسيلي پنهنجي مڙس کان طلاق گهري ورتي

لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪار پاميلا اينڊريسن عدالت وسيلي پنهنجي مڙس کان طلاق گهري ورتي آهي. 47 ورهين جي پاميلا اينڊريسن عدالت ۾ مؤقف اختيار ڪيو آهي ته رڪ سولومان جنهن جوا هارائڻ کانپوءِ ڪاوڙ ۾ اچي نه رڳو کيس هيسايو پر سندس مُنهن تي ويهاڻو رکي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان هن وڏي مشڪل سان جان بچائي. اداڪاره چيو ته جوا هارائڻ بعد سندس مڙس ان هار جو ذميوار پاميلا کي قرار ڏنو ۽ ماڻهن جي سامهون بدتميزي پڻ ڪئي. هوڏانهن پاميلا جي مڙس کيس هڪ فراڊ قرار ڏيندي چيو ته هوءَ ايتري ته مڇي ۽ جهينگا کائيندي آهي جو سندس گهر ۾ انهن جي بوءِ رهجي ويندي آهي ۽ هوءَ ٻارن کي پسند نٿي ڪري، تنهنڪري هوءَ ماءُ بڻجڻ لاءِ به تيار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *