نون ڳايل گيتن مون کي نئين زندگي ڏني آهي؛پاڪستاني گلوڪار رحيم شاهه

ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستان جي مشهور  گلوڪار رحيم شاهه جو چوڻ آهي ته سندس نون ڳايل گيتن کيس نئين زندگي ڏني آهي. پاپ موسيقي سان تعلق رکندڙ رحيم شاهه جو چوڻ آهي ته هڪ وڏي عرصي بعد سندس موسيقي طرف واپسي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، رحيم شاهه جو چوڻ آهي ته ڳچ وقت بعد ڳايل گيتن سبب کيس ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ کيس نئين زندگي ملي هجيس ،رحيم شاهه جو چوڻ هو ته کيس  خوشي آهي ته ڪراچي شهر ۾ هڪ دفعو ٻيهر موسيقي جي پروگرامن جي شروعات ٿي وئي آهي اگر ماضي وانگر شهر ۾ وڏا وڏا ڪونسرٽ ٿين ته شهر جي رونقن ۾ اضافو ٿيندو موسيقي جيڪا هڪ وڏي بحران مان گذري رهي هئي هڪ دفعو  ٻيهر نواڻ اچي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *