ننڍپڻ کان ئي شاهد ڪپور کي تمام گهڻو پسند ڪندي آهيان، عاليه ڀٽ

ممبئي(شوبز نيوز): عاليه ڀٽ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته شاهد ڪپور جي پهرين فلم “ عشق وشق” رليز ٿي ته هو صرف 10 سالن جي هئي  پر فلم ۾ شاهد ڪپور جي اداڪاري ان کي تمام گهڻي  پسند آئي، هو اڄ به ان جي تمام وڏي مداح آهي، ان جو چوڻ آهي ته فلم نگري ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ان  جي هميشه خواهش هئي ته هو شاهد ڪپور سان گڏ ڪم ڪري جيڪا “شاندار” جي ذريعي پوري ٿيندي، عاليه ڀٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاهد ڪپور سان گڏ ڪم ڪري ان کي خبر پئي ته هو اداڪار سان گڏو گڏ هڪ سٺو انسان به آهي“شاندار” ۾ ڪم ڪرڻ سان پهرين گهٻرائي رهي هئس پر شاهد ڪپور تمام گهڻو تعاون ڪيو، جنهن جي ڪري هي فلم ان جي لاءِ تمام يادگار ٿي وئي آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *