ننڍيون ننڍيون خوشيون به جھوليءَ ۾ ميڙڻ چاهيان ٿي؛ مديحه شاهه

(شوبز نيوز) اداڪارا مديحه شاهه چيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ تمام خوشگوار زندگي گھاري رهي آهيان، ننڍيون ننڍيون خوشيون به جھوليءَ ۾ ميڙڻ چاهيان ٿي، خاص ڳالهه ٻولهه دوران اداڪارا چيو ته فنڪار سڄي زندگي فنڪار ئي رهندو آهي، پر اُن جي ڪا ذاتي زندگي به هوندي آهي، جنهن ۾ خوشيون ۽ ڏک به گڏ رهندا آهن، منهنجي دعا آهي ته خدا سڀني کي خوشيون ڏئي، مديحه شاهه چيو ته هِن وقت زندگيءَ جي خوبصورت ترين دورن مان گذري رهي آهيان، پنهنجي موجوده زندگيءَ مان جيتري مطمئن آهيان دل ٿي چوي ته وقت بيهي وڃي، پر انسان جو سڀ خواهشو ته پوريون ناهن ٿينديون، خوشنصيب آهيان جنهن جون سڀ خواهشون پوريون ٿيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *