نفيس ۽ ڪومل جذبن جي شاعره پروين شاڪرجي 62 هين سالگره ملهائي وئي

حيدرآباد (شوبز نيوز) نفيس ۽ ڪومل جذبن جي شاعره پروين شاڪر جو 62 هون جنم ڏينهن سومر ڏينهن ملهايو ويو. رپورٽ مطابق پروين شاڪر 24 نومبر 1952ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي. پروين شاڪر شاعري جي منظرنامي تي جيڪي نقش چٽيا آهن اهي سالن تائين ميسارجي نه سگهندا. هوءَ پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي مجموعي”ماهه تمام” جيان چمڪندڙ نظر اچي ٿي. پهرين شعري مجموعي “خوشبو” جي اشاعت کان پوءِ ئي سندس شمار پهرين صف جي شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو، ان کان اڳ ڪنهن به شاعر عورتن جي جذبن ۽ احساسن کي ايڏي خوبصورتي ۽ بي باڪ انداز ۾ قلمبند نه ڪيو هو. پروين شاڪر شاعريءَ کي عبادت سمجهندي هئي. هن لاءِ شاعري ذاتي شهرت ۽ خوشنصيبي جو سبب نه هئي. پروين شاڪر جي شاعري خوشبو کان شروع ٿي “صد برگ” ۽ “خودڪلامي” کان ٿيندي “انڪار” تي ختم ٿي. نازڪ جذبن جي شاعره پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994ع تي صبح جو لکين مداحن کي سوڳوار ڪري موت کي ڳل لائي ڇڏيو، سندس خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *