نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي، اسٽيج ڊرامو بهتر ٿي ويندو: اداڪار نجم زيدي

لاهور (شوبز نيوز) سينيئر اداڪار نجم زيدي چيو آهي ته اداڪاري جي ڪائي حد ناهي هوندي فن اداڪاري ۾ اداڪار جيترو به ڪم ڪندو ان قدر اداڪاري ۾ مضبوطي ايندي بدمعاش جي ڪردار کان وٺي هجڙي وارا به ڪردار ڪيا آهن هر ڪردار ادا ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڪردار کي سرچ ڪيان ٿو اين اين آءِ سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن مان اداڪاري ڪيان ٿو ته مان نجم زيدي جي زات مان نڪري ڪردار ۾ سمائجي وڃان ٿو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي حقيقت آهي ته ڪجهه ماڻهو اهڙا اسٽيج ڊراما پيش ڪري رهيا آهن جو ڊرامي جي نالي تي بدنما داغ آهن اهڙن ماڻهن اسٽيج جي ڊرامن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي هڪ نئون دور اچڻ وارو آهي جنهن سان اسٽيج ڊرامو بهتر ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *