ميڪا سنگھه لائيو ڪنسرٽ دوران هڪ ڊاڪٽر کي مبينا طور چماٽ هڻڻ واري ڪيس ۾ گرفتار

نئين دهلي (شوبز نيوز) هندستان جي مشهور ڳائڻي ميڪا سنگھه کي لائيو ڪنسرٽ دوران هڪ ڊاڪٽر کي مبينا طور چماٽ هڻڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. 38 سالا ڳائڻي خلاف ڊاڪٽر شري ڪانت طرفان هلندڙ سال اپريل ۾ نئين دهليءَ جي اِندر پُوري پوليس اسٽيشن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ تڪليف پهچائڻ ۽ نامناسب رويو رکڻ جو الزام هنيو ويو هو. ڀارتي خابرو اداري ٽائمز آف انڊيا موجب ميگا سنگھه کي ڪالهه نئين دهلي ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڪلاڪ جيل ۾ رکي کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. ميڊيائي رپورٽن موجب پرفارمنس دوران ميڪا سنگھه مرد ڊاڪٽرن کي اسٽيج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي رهڻ جو چيو، جڏهن ته عورت ڊاڪٽرن کي اسٽيج سامهون واري حصي ۾ رهڻو هو. پر ڄاڻايل ڊاڪٽر عورتن جي حصي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ميڪا ڪاوڙ ۾ اچي ڄاڻايل ڊاڪٽر کي اسٽيج گھرائي زوردار چماٽ وهائي گارڊن حوالي ڪري ڇڏيو هو. ميڪا موجب ڊاڪٽر نشي جي حالت ۾ ڪنسرٽ دوران عورتن جي حصي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هن ڊاڪٽر کي چماٽ هنئي، جڏهن ته ڊاڪٽر شري ڪانت جو موقف هو ته ميڪا سنگھه اسٽيج تي کيس چماٽ هڻي سندس بي عزتي ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *