ميڊونا جو ڪمپيوٽر هيڪ ڪندڙ اسرائيلي شهري گرفتار

نيويارڪ(شوبز نيوز)مشهور ڳائڻي ميڊونا جو ڪمپيوٽر هيڪ ڪندڙ شڪي اسرائيلي شهري پڪڙجي پيو، جوابدار جي گرفتاري تي ميڊونا هڪ پيغام ۾ چيو ته هو ايف بي آءِ، اسرائيلي پوليس ۽ انهن سمورن ماڻهن جي شڪرگذار آهي جن هيڪر کي پڪڻ ۾ مدد ڪئي، هن ان سلسلي ۾ پنهنجن مداحن جي ڪوشش کي به ساراهيو، ميڊونا جي ڪمپيوٽر کي اسرائيلي شهري هيڪ ڪري ان جي ايندڙ البم ريبل هارٽ جا اڻپورا گانا انٽرنيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا هئا 2013ع ۾ مشهور ڳائڻي ليڊي گاگا کي به اهڙي ئي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *