مون کي ڪيترين ئي فلمن جون آڇو آهن، پر مان فلم ميڪنگ جو حصو بڻجي مزو وٺي رهي آهيان؛ ديا مرزا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا  چيو آهي ته هن وقت مون کي ڪيترين ئي فلمن جون آڇو آهن، پر مان فلم ميڪنگ جو حصو بڻجي مزو وٺي رهي آهيان، اداڪارا هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته فلمن جي آڇن باوجود ڪنهن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، هن چيو ته اڄ ڪلهه رڳو فلمن ٺاهڻ واري ڪم ۾ مصروف ۽ ان مان مزو وٺي رهي آهيان، پر ڪيمرا سامهون اچڻ منهنجي ضرورت آهي، هن چيو ته ايندڙ سال تائين ڪنهن نه ڪنهن فلم ۾ ڪم ضرور ڪنديس، ديا مرزا چيو ته مان پنهنجو پروڊڪشن هائوس اهو سوچي ناهي ٺاهيو ته مان پنهنجي لاءِ فلمون ٺاهيان پر جڏهن به ڪو سٺو اسڪرپٽ مليو ته ان ۾ ضرور پنهنجي پروڊڪشن هائوس ۾ ڪم ڪنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *