مون کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ فواد خان جي ضرورت ناهي: اداڪاره حراماني

 

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره حرا ماني چيو آهي ته مون کي ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ اداڪار فواد خان يا هدايتڪار سنجي ليلا بهنسالي جي ضرورت ناهي پر ڪيريئر ۽ زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ جنهن جي ضرورت هوندي آهي اها هوندي آهي سٺي پرفارمنس.ڊرامي سيريل دو بول مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره حراماني جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ڪامياب زندگي جو طريقو ٻڌائيندي نظر اچي رهي آهي کيس ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ فواد خان جهڙو سپر اسٽار يا سنجي ليلا بهنسالي جهڙي هدايتڪار جي ضرورت ناهي پر هڪ انسان کي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ  جنهن شيءَ جي ضرورت هوندي آهي اها هوندي آهي سٺي پرفارمنس ۽ اها اوهان ڪٿي به ڏئي سگهو ٿا.حرا ماني پنهنجو ڪاميابيون ڳڻائيندي چيو ته مون پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ڊرامي(پرنه ڪريو کوئي) ۾ مرڪزي ادا ڪيو هو جنهن کان پوءِ هن پنهنجي ٻئي ڊرامي ۾ ثانوي ڪردار ادا ڪيو پوءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ پوءِ ثانوي ڪردار ادا ڪيو.اداڪاره وڌيڪ چيو ته مون جيان ڪوبه اداڪار پنهنجي ڪردارن کان کيڏي نٿو ۽ مان پاڻ اها ڳالهه ڪري رهي آهيان ته مان واحد اها ڇوڪري آهيان جيڪا هن انڊسٽري ۾ ٻارن کان پوءِ هيروئن بڻيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *