مون اڃ پنهنجي سينس آف هيومر سان ٻن صحافين جي دل ڏکائي آهي : ارشد وارثي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارشد وارثيءَ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ بابت صحافين سان ڳالهائيندي ڀوڳن جي حد پار ڪندي صحافين سان ڏند چڪ ڏنا. ان کان پوءِ ارشد وارثيءَ ٽوئيٽ ڪيو ته مون اڃ پنهنجي سينس آف هيومر سان ٻن صحافين جي دل ڏکائي آهي، لڳي ٿو ته مون کي پنهنجي مزاج کي پنهنجي دوستن تائين محدود رکڻو پوندو. ارشد وارثيءَ کان جڏهن سندس فلم ۾ استعمال ٿيندڙ بد زبانيءَ جو سبب پڇيو ويو ته هن پهريان ته هڪ عورت صحافڻ سان گھٽ وڌ ڳالهايو. ارشد چيو ته اسان هماليه ويا هئاسين ۽ ڪجھه ڪلاڪ غور ڪرڻ کان پوءِ طئه ٿيو ته ايئن ڪرڻ گھرجي… هي بيوقوفاڻو سوال آهي، اڳيون سوال؟ ان کان پوءِ هڪ نئين صحافيءَ سوال ڪرڻ وقت فلم کي ”پهلم“ چئي ويٺو، جنهن تي ارشد چيو ته ”هي پهلم ڇا ٿيندو آ ڀائو؟“ جڏهن صحافيءَ پنهنجي غلط لهجي جو سبب وات جا ڦلوڪڻا ٻڌايا ته ارشد چيو ته ”منهنجو به ڳلو خراب آهي ۽ اوهان جو دماغ خراب آهي“. جڏهن ته هن ايندڙ سوال تي ته حد ڪري ڇڏي ۽ عرفان خان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان هڪ شئي صاف چئي ڇڏيان ته ”ممبئي مرر“ ۾ منهنجو جيڪو انٽرويو ڇپيو آهي ان ۾ مون اهو ڪڏهن نه چيو هو ته عرفان خان بهتر چوائس آهي يا عرفان کي فلم ۾ هجڻ گھرجي. مون چيو هو ته عرفان خان مختلف قسم جو اداڪار آهي، ان جي جاءِ تي جيڪيءَ فلم کي نئون روپ ڏنو آهي. مون اهو به نه چيو هو ته گٽيليب ان فلم جي هيروئن ناهي. ممبئي مرر جي صحافيءَ جو نالو وٺندي ارشد چيو ته ”آءِ ول رپ يور….“ بالي ووڊ جا ڪئين اداڪار ۽ اداڪارائون ميڊيا سان بدسلوڪي ڪندا آيا آهن. ان ٽرينڊ ۾ ارشد وارثيءَ کان سواءِ جن فنڪارن جا نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ جيا بچن، وڪر مادتيه موٽواڻي، انوارگ ڪشيپ، سلمان خان ۽ انوشڪا شرما وغيره شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *