مني لانڊرنگ ڪيس، جاچ ٽيم ايان علي جا فراهم ڪيل ثبوت شڪي قرار ڏئي ڇڏيا

راولپنڊي(شوبز نيوز)ايان علي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪسٽم ذريعن مطابق ماڊل ڪسٽم اختيارين کي حلفي بيان ۽ نجي ڪمپني جي ليٽر هيڊ تي رقم جي ٽرانزيڪشن جا دستاويزي ثبوت فراهم ڪيا هئا جيڪي ڪسٽم اختيارين طرفان شڪي قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته نجي پراپرٽي ڪمپني ۽ اسٽام فروش کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ڪسٽم جاچ ٽيم پراپرٽي ڊيلر ۽ اسٽام فروش جو بيان رڪارڊ ڪندي ڪسٽم ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته حلفي بيان تي صحيحن ۽ آڱوٺن جا نشان ڪنهن جا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *