ملڪه شيراوت کي پيرس ۾ وزيراعظم مودي جي تقرير ٻڌڻ جو دعوت نامو ملي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا ملڪه شيراوت جي فلم ڊرٽي پوليٽيڪس جيتوڻيڪ فلاپ ٿي چڪي پر ان هوندي به هوءَ ڪيترن سياسي اڳواڻ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽هاڻ کيس پيرس ۾ ڀارتي وزيراعظم مودي جي تقرير ٻڌڻ لاءِ گهرايو ويو آهي دعوت ملڻ کان پوءِ ٽوئيٽر تي پنهنجي خوشي ظاهر ڪندي هن چيو ته هوءَ ڀارتي وزيراعظم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهي ياد رهي ته ملڪه شيراوت هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڀارتي وزيراعظم مودي سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *