ملڪه ترنم نور جهان جي 14 هين ورسي (سڀاڻي) ملهائي ويندي

حيدرآباد (شوبز نيوز) ملڪ جي مشهور ڳائڻي ملڪه ترنم نورجهان جي 14 هين ورسي (سڀاڻي) اڱاري 23 ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ان موقعي تي فلمي مرڪزن کان علاوه مختلف ثقافتي مرڪزن ۾ ملڪه ترنم نور جهان جي ياد ۾ سيمينار ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ شوبز ۽ موسيقي سان واسطو رکندڙ شخصيتون ۽ مرحومه جي ڪٽنب جا ڀاتي شريڪ ٿي سندس لازوال فني خدمتن کي خراج پيش ڪندا. ملڪه ترنم نور جهان 23 ڊسمبر 2000ع تي ڊگهو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. ملڪه ترنم نور جهان فلمي ڪيريئر جي شروعات 1935ع ۾ رڳو 9 سالن جي عمر ۾ ننڍي کنڊ جي پهرين پنجابي فلم شيلا عرف پنڊ دي ڪڙي ۾ گلوڪاره جي حيثيت سان ۽ چائلڊ اسٽار طور ڪم ڪيو. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ سندس فلم چن وي هئي، جنهن جو فلمساز سندس مڙس شوڪت رضوي هو. 1987ع ۾ نور جهان کي شڪاگو ۾ دل جو دورو پيو، جتي سندس ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. 1997ع ۾ کيس دل جو هڪ ڀيرو ٻيهر دورو پيو، جنهن دوران هوءَ گردن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وئي. ڊگهو وقت زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ ملڪه ترنم نور جهان 23 ڊسمبر 2000ع تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *